بيبي راڻي رونجهي جو مقام

بيبي راڻي رونجهي جو مقام: هيءُ مقام محراب پور، تعلقي سڪرنڊ، لڳ ڪچي ۾ بند جي اندران، بيبي رونجهيءَ واري پهي تي موجود آهي، جتان ماڻهو سن شهر ويندا آهن. پاڻيءَ جي ٻوڏ ۾ به هيءُ مقام سلامت رهندو آهي. هتي هر مهيني جو چوڏهينءَ جي رات جنات جا مريض پري پري کان ايندا آهن ۽ شفاياب ٿيندا آهن. هن وقت محرابپور وارو ٻيلو ختم ٿي وڃڻ ڪري هن مقام جي اصليت کي ڪافي هاڃو رسيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو